شهباز شريف ۽ حمزه شهباز مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته هي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. هي حڪومت جيتري دير اقتدار ۾ رهندي ان سان معيشت تباهه ٿيندي.
پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهبازعوام کي روڊن تي نڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جيستائين عوام روڊن تي نه ايندو هي نالائق حڪومت نه ويندي. عدالت ۾ پيشي تي حمزه شهباز چيو ته اسان به عوام سان گڏ روڊن تي اينداسين اسان حڪومت جو گهيراءُ ڪنداسين ۽ کيس آخري انجام تائين پهچائينداسين.
هن چيو ته مهانگائي ۽ مختلف مسئلن سبب هي حڪومت هن وقت وينٽي ليٽر تي آهي. حڪومت رڪارڊ مهانگائي سبب غريب عوام کي ماري ڇڏيو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي هدايتن تي نوان ٽيڪس لڳائي رهي آهي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت جي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي ان کي عوام مٿان اضافي بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اپوزيشن طرفان حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو پئي ويو. واضح رهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ٿيا.
احتساب عدالت لاهور آشيانه، مني لانڊرنگ ۽ رمضان شوگرملز ريفرنس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.