صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته شرجيل ميمڻ جو پينڊورا پيپرز ۾ نالو اچڻ تي ڪارروائي جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.
رپورٽ موجب پنهنجي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جو زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته مون 5 سال اڳ ئي اڳڪٿي ڪئي هئي ته بيورو ڪريٽس، سول، جنرل ۽ سياسي ماڻهن جي احتساب جو سلسلو شروع ٿيندو. پينڊورا پيپرز عمران حڪومت جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ائين نه ٿئي ته جهڙو حشر نوازشريف جو ٿيو ائين ئي عمران خان سان به ٿئي.
منظور وساڻ چيو ته پينڊورا پيپرز ليڪس ٿيڻ کان پوءِ حڪومت جون وضاحتون اچڻ سان شڪ پوي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي پر هاڻ اهو طئي آهي ته عمران خان پينڊورا پيپرز ۾ ملوث وزيرن کي فارغ نه ڪندو ۽ جيڪڏهن هن اهڙي ڪارروائي ڪئي ته اها صرف 4 کان 5 ڏينهن جي لاءِ هوندي وزيراعظم پينڊورا پيپرز ۾ شامل پنهنجن وزيرن کي ڪلين چٽ ڏيندو.
پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جو نالو پينڊورا ۾ اچڻ جي حوالي سان صوبائي وزير چيو ته شرجيل ميمڻ جو پينڊورا پيپرز ۾ نالو اچڻ تي ڪارروائي جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.