اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پاران ڏنل ڪپتاني قبول نه ڪرڻ وارو مشورو اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي رد ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ شاهد آفريدي چيو ته هن شاهين شاهه آفريدي کي مشورو ڏنو هو ته ڪپتاني قبول نه ڪري.
واضح رهي ته لاهور قلندرز پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن ۾ ۾ شاهين شاهه آفريدي کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو آهي.
واضح رهي ته شاهين شاهه آفريدي کان پهرين لاهور قلندرز جو ڪپتان سهيل اختر هو، جنهن جي قيادت ۾ ٽيم هڪ ڀيرو پي ايس ايل جي فائنل کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.