سنڌ

October 21, 2021 6:55 pm

شازيه مري جي سيد خورشيد شاهه جي آزادي تي جيالن کي مبارڪون

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي رڪن شازيه عطا مري پاران پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي سپريم ڪورٽ طرفان ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي حڪم تي پيپلزپارٽي جي جيالن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نيب جو ادارو خيالي ۽ ڪوڙا مقدما ٺاھي حڪومت مخالفن کي ھراسان ۽ تنگ ڪري رھيو آهي، جڏهن ته نيب جي اداري کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ قائم ڪيو ويو ھو.

شازيه مري چيو ته پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي جھڪائڻ لاءِ سندس خاندان جي عورتن خلاف به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. هن چيو ته آمرن ۽ انهن جي باقيات وارن احتساب کي هڪ سياسي ايجنڊا بڻايو.

وڌيڪ پڙهو: