ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي حڪومت پاران احتساب جي نالي تي سياسي طور نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته پي ٽي آئي حڪومت ۾ شامل ماڻهن تي ڪرپشن جا سنگين الزام ھجڻ جي باوجود مراعتون ماڻي رهيا آهن ۽ انهيَ عمل تي نيب به خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي.
اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان ملاقات بعد رکيل ھڪ پيغام ۾ ڪيو آهي. شازيا مري پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي گھر پھچي ساڻس ملاقات ڪندي جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ تي مبارڪباد ۽ گلدستو پڻ پيش ڪيو.
ان موقعي تي ساڻس پنجاب صوبي جو ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري به گڏ موجود ھوـ شازيا مري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ ڪوڙن ۽ فرضي مقدمن ۾ گرفتاري ڪري جيل ۾ رکڻ بعد آخرڪار کيس ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو.