شادي لارج ۾ ٻارڙَي سان زيادتي جي ويڊيو ٺاهي بليڪ ميلنگ ذريعي پئسا وٺندڙ جوابدارن کي کوسڪي پوليس اصل ڏوهه کان بچائڻ لاءِ گرفتاري بدران منشيات جي ڪيس ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي.
شادي لارج ۾ معصوم نينگر سان زيادتي کانپوءِ گرفتار ڪيل جوابدار مينڌري ميگهواڙ ۽ سندس صلاحڪار شير خان لنڊ کي پوليس منشيات جي ڪيس ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي.
جوابدار مينڌري ميگهواڙ پاران مبينا طور اسڪولي ٻارڙي کي زيادتي ڪري ان جي ويڊيو ٺاهي وئي هئي، جنهن ذريعي کيس بليڪ ميل ڪري پئسا وٺندو رهيو.
معصوم نينگر وڊيو وائرل ٿيڻ جي ڊپ کان پيءُ حفيظ جي دڪان مان 15 سئو کان ٻه هزار رپين تائين چوري ڪري هر هفتي جوابدار کي ڏيندو رهيو.
شادي لارج ۾ ٻارن سان بدفعلي جي واقعن تي شهرين پاران مظاهرا ڪيا ويا هئا، جنهن کانپوءِ کوسڪي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران منشيات جو ڪيس داخل ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين بدفعلي جي سنگين ڪيس کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي..