پاڪستان

November 5, 2021 11:49 am

سکڻا اعلان ڪرڻ بعد تبديلي سرڪار ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

وزيراعظم  عمران خان پاران عوام کي رليف ڏيڻ جا سکڻا اعلان ڪرڻ بعد تبديلي سرڪار ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو،جنهن بعد پيٽرول جي قيمت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي  وئي آهي.

ناڻي جي وزارت پاران  جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول 8 رپيا 3 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8 رپيا 14 پئسا مهانگو ٿي ويو، پيٽرول جي نئين قيمت 145 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي وئي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا 14 پيسا واڌ کانپوءِ نئون اگهه 142 رپيا 62 پيسا مقرر ڪيو ويو آهي.

لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 72 پيسا واڌ کانپوءِ  نئون اگهه 114 رپيا 7 پيسا  في ليٽر ٿي ويو.

گاسليٽ 6 رپيا 27 پيسا مهانگو ٿي ويو،جنهن بعد نئين قيمت 116 رپيا 53 پيسا مقرر ڪئي وئي.

ناڻي واري وزارت مطابق گذريل رات کان ئي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا نوان اگهه لاڳو ٿي ويا آهن.

وزارت مطابق اوگرا تيل اگهن ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي،پر حڪومت گهٽ اضافي جي سفارش ڪئي.

جاريڪيل دستاويزن مطابق هلندڙ مالي سال دوران پيٽرول 35 رپيا 13 پيسا في ليٽر مهانگو ٿي ويو.

هلندڙ سال جي پهرين جولاءِ کان هيل تائين ڊيزل 30 رپيا 7 پيسا في ليٽر مهانگوڪيو ويو،ان عرصي دوران گاسليٽ 34 رپيا 64 پيسا مهانگو ٿي چڪو آهي.

انگن اکرن مطابق پهرين جولاءِ کان هيل تائين لائيٽ ڊيزل 34 رپيا 36 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي..

وڌيڪ پڙهو: