تازه خبرون

رانديون

October 25, 2021 10:41 pm

سپر 12 اسٽيج: افغانستان اسڪاٽ لينڊ کي 130 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي مردن جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ افغانستان اسڪاٽ لينڊ کي 130 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

افغانستان جي 191 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ اسڪاٽش جي پوري ٽيم 60 رنسن تي ير ٿي وئي.

شارجه ۾ کيڏيل سپر 12 مرحلي جي گروپ 2 جي ميچ ۾ افغانستان جي ڪپتان محمد نبي اسڪاٽ لينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو.

افغانستان مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون.

هي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي. ان کان اڳ 2016 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان زمبابوي خلاف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون هيون.

افغانستان طرفان نجيب الله زدران شاندار بيٽنگ ڪندي 59 رنسون ٺاهيون، رحمان الله 46 ۽ حضرت الله زازي 44 رنسون ٺاهيون.

اسڪاٽ لينڊ طرفان سفيان شريف ٻه وڪيٽون ورتيون جڏهن ته جوش ڊيوي ۽ مارڪ واٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

191 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ ، اسڪاٽش بيٽسمين افغان بالرن جي اڳيان رڻ جي ديوار ثابت ٿيا ۽ پوري ٽيم 60 رنسن تي ير ٿي وئي.

اسڪاٽ لينڊ جا 5 رانديگر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا جڏهن ته جارج مونس 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

افغانستان طرفان مجيب الرحمان شاندار بالنگ ڪئي ، پنج وڪيٽون ورتيون جڏهن ته راشد خان چار وڪيٽون ورتيون.

ياد رهي ته ڪالهه کيڏيل گروپ 2 جي ميچ ۾ پاڪستان هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

وڌيڪ پڙهو: