سپريم ڪورٽ ڪرڪ مندر جَي ڀرپاسي رهندڙن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ نيڪاسيءَ جو نظام ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،
ڪرڪ مندر بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ڊي جي، ايف آءِ اي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخوا پيش،
عدالت پڇاڻو ڪيو ته مندر تي حملو ڪندڙ شرپسندن کان ريڪور ڪيل پئسا ڪٿي جمع ڪرايا ويا، ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ٻڌايو ته قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا ويا آهن،
عدالت حڪم ڏنو ته ڪرڪ مندر جي ڀرپاسي رهندڙن کي پاڻي فراهم ڪري نيڪاسيءَ جو نظام ڏنو وڃي..