سنڌ

November 25, 2021 2:55 pm

سپريم ڪورٽ ٿر جي اسپتالن ۾ سمورين خالي جاين تي ڀرتين، ميڊيڪل اسٽاف، دوائن ۽ ميڊيڪل اوزارن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ ٿر جي اسپتالن ۾ سمورين خالي جاين تي ڀرتين، ميڊيڪل اسٽاف، دوائن ۽ ميڊيڪل اوزارن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي مقرر ٿيندڙ ڊاڪٽرز ۽ اسٽاف کي ٽن سالن تائين بدلي نه ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه عدالت ۾ حاضر ٿي رپورٽ پيش ڪئي،

جنهن تي عدالت بي اعتمادي طاهر ڪئي.

چيف جسٽس سنڌ حڪومت کي ٿر جي سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز ۽ ميڊيڪل اسٽاف ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سيڪريٽري هيلٿ کي هدايت ڪئي ته هو ٿر جو دورو ڪري.

سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ ٻئي ميڊيڪل اسٽاف جي مقررين بعد 3 سالن تائين بدلي نه ڪيو وڃي،

ٿر جي سمورين اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، غير حاضر ڊاڪٽر ۽ ٻئي اسٽاف خلاف کاتي وار ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت هڪ مهيني ۾ سيڪريٽري هيلٿ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: