سنڌ

December 8, 2021 11:41 am

سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت نسلا ٽاور ڪيرائڻ جا پابند آهيون : مراد علي شاھ

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت نسلا ٽاور ڪيرائڻ جا پابند آهيون،

جن اڏاوت جي غلط منظوري ڏني انهن کي سزا ملڻ گهرجي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ وڏن ماڻهن جي گهرن کي ريگيولائز ڪيو ويو،

اهڙي ريت نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ بدران ان جو به ڪو  طريقيڪار ٿي سگهي پيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته گورنر سنڌ سان ملاقات ٿي آهي، سندس سفارشون ڪابينا جي اجلاس ۾ رکيون وينديون.

وڏي وزير چيو ته پي ڊي ايم پيپلزپارٽي ٺاهي هئي، اسان سمجهون ٿا ته قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي نجات حاصل ڪري سگهون ٿا..

وڌيڪ پڙهو: