شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا سپريم ڪورٽ جا حڪم رد ڪندي 16 اهم عهدن تي او پي ايس آفيسر مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سوشل سائنس جو ڊين ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري يونيورسٽي جي ترجمان جي اضافي چارج رکي ويٺل آهي.
ڪمپيوٽر اسسٽنٽ سڪندر جانوري کي اسٽنٽ رجسٽرار جي اضافي چارج سونپي وئي آهي.
مادرعلمي ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر حسن شيخ به ڊائريڪٽر روضي ڌڻي چيئر جي پوسٽ تي مقرر ٿيل آهي.
يونيورسٽي انتظاميا سنڌي جي پروفيسر مهر خادم کي به سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي.
انگلش انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر پروفيسر ذوالفقار شيخ به او پي ايس تي ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر آهي.