پاڪستان

December 24, 2021 1:59 pm

سينيٽ ۾ سيالڪوٽ سانحي بابت ٺهراءُ منظور

سينيٽ سيالڪوٽ سانحي بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو،ٺهراءَ قائد ايوان شهزاد وسيم پاران پيش ڪيو ويو.

ٺهراءَ جي حق ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان وسيم شهزاد چيو ته ايوان انتهاپسندي جي واقعي جي مذمت ڪري ٿو،اهڙن واقعن سان مذهب جو ڪوابه واسطو ناهي.

هن چيو ته حڪومت واقعي ۾ ملوث  جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري،سينيٽ جو هڪ وفد سري لنڪن شهري سان تعزيت لاءِ سريلنڪا ويندو.

هن ايوان کي گذارش ڪئي ته سينيٽ جي معمول جي ايجنڊا معطل ڪري سيالڪوٽ سانحي بابت بحث  ڪيو وڃي، ايوان رٿ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي.

ن ليگ جي سينيٽر اعظم تارڙ رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته معاشري ۾ برداشت نه ڪرڻ جو رويو وڌي ويو آهي.

هن چيو ته 60 ۽ 70 جي ڏهاڪن ۾ انتهاپسندي  نه  هئي، سيالڪوٽ سانحي کان اڳ ٻن ڀائرن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ٻنهي ڀائرن جي ويڊيو سامهون آئي پر هجوم کي ڪنهن به نه روڪيو.

اعظم تارڙ چيو ته ڪيس جي جوابدار کي 2019 ۾ ڇڏيو ويو، قصور ۾ به بٺا پورهيت کي باهه ۾ ساڙيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: