پاڪستان

November 4, 2021 2:13 pm

سياري لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

وفاقي حڪومت سياري لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر سياري لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته  حڪومت نومبر کان فيبروري تائين بجلي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪندي ۽ هي قدم  سردي جي موسم ۾ گيس جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ کنيو ويو آهي.

هن چيو ته  گهريلو صارفين  لاءِ بجلي جي شرح ۾ 11 ڏهائي 37 ۽ ڪمرشل صارفين لاءِ 11 ڏهائي 98 سيڪڙو گهٽتائي  ڪئي ويندي.

وفاقي وزير چيو ته عام خدمتن لاءِ بجلي جو ٽيرف 7 ڏهائي 94 في يونٽ ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ آف پيڪ ريٽ 16 ڏهائي 33 ۽ 22 ڏهائي 95 آهي..

وڌيڪ پڙهو: