بين الاقوامي

October 25, 2021 11:19 am

سوڊان ۾ فوجي بغاوت ، وزيراعظم عبدالله حمدوڪ گهر اندر نظربند

سوڊان ۾ فوجي بغاوت ، وزيراعظم عبدالله حمدوڪ کي گهر اندر نظربند ڪيو ويو ، سوڊاني ڪابينا جي چئن ميمبرز کي گرفتار ڪيو ويو ،

سوڊاني جمهوريت پسند گروپ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.

سوڊان ۾فوج ۽ سول انتظاميا وچ ۾ ڪجهه وقت کان هلندڙ ڇڪتاڻ فوجي بغاوت کي جنم ڏئي ڇڏيو.

فوج سوڊاني وزيراعظم عبدالله حمدوڪ کي گهر اندر نظربند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪابينا ميمبرز کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

سوڊان جي گادي واري شهر خرطوم ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ شهرين جي چرپر تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

عرب ميڊيا موجب سوڊان ۾ بغاوت جي اطلاع تي خرطوم ايئرپورٽ کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوجي بغاوت خلاف سوڊاني جمهوريت پسند گروپ پاران هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ ملڪ اندر سول نافرماني جو سڏ به ڏنو ويو آهي..

وڌيڪ پڙهو: