سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽس جي ذريعي نفرت پکيڙيندڙن خلاف وفاقي حڪومت وڏي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته رات اهم ڪارروائي دوران بندش وڌل تنظيم سان واسطو رکندڙ 32 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته هي ماڻهو جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي ذريعي نفرت پکيڙيندڙ پروپئگنڊا ڪري رهيا هئا.
هن چيو ته جعلي خبرن ۽ پروپئگنڊا جي خلاف وڏو ايڪشن شروع ڪيو ويو آهي.
هن واضح ڪيو ته جلد وڌيڪ گرفتاريون ڪنداسين.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت پهريان ئي اعلان ڪري چڪي آهي ته ملڪي سلامتي جي حوالي سان سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي..