سنڌ جي تعليم واري وزير سيدسردار شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ بنا ميرٽ جي ڀرتي ٿيل استادن جو نتيجو هڪ ڏينهن سامهون اچڻو هيو، جيڪو ڏسي ورتو، استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل آءِ بي اي ٽيسٽ اکيون کولي ڇڏيون آهن.
سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته تعليم کي سفارشي ڪلچر کان پاڪ ڪرڻو پوندو، ٽيسٽ پهرين کان ڏهين ڪلاس تائين ئي هئي، شاگرد سمجهي نه سگهيا.
تعليم واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽيسٽ بابت گهڻيون تجويزون فيل ٿيندڙن کي پاس نه ڪرڻ جون آهن، 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪنداسين ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد ڪٿان ايندا.
سردار شاهه چيو ته ڪڏهن ڪڏهن سماجن ۾ اهڙا معاملا اچي ويندا آهن جتان ڪا نئين سفر جي شروعات ٿيندي آهي، ٿي سگهي ٿو اها هڪ ٽيسٽ هجي، تعليم کي سفارشي ڪلچر کان پاڪ ڪرڻو پوندو، هن ٽيسٽ اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن .
هن چيو ته گهڻيون تجويزون آهن ته اسان کي ڪابه رعايت نه ڏيڻ گهرجي۽ جيڪي پاس ٿيا آهن، انهن کي آرڊر ڏنا وڃن، ۽ باقي ٻين جي 3 يا 5 مهينن کانپوءِ ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي.
هن چيو ته 45 وارو جيڪڏهن شرط ختم ڪيون ٿا ته سجبيڪٽ اسپيشل لسٽ ڪٿان ايندا، جيڪي 20 مارڪن مان رياضيءَ ۾ 5 مارڪون نه ٿا کڻي سگهن اهي ٻارن کي ڇا پڙهائيندا.
سردار شاهه جو چوڻ هو ته ڀرتين واري پاليسي ڪابينا مان منظور ٿيل آهي، انڪري اهو سمورو معاملو 15 ڏينهن ۾ فائنل ڪري سنڌ ڪابينا ۾ کڻي وينداسين.