سنڌ

November 8, 2021 2:36 pm

سنڌ ۾ 17هين گريڊ جا 2 هزار کان وڌيڪ  ڊاڪٽر 30 سالن کان غير حاضر  هجڻ جو انڪشاف

سنڌ ۾ 17هين گريڊ جا 2 هزار کان وڌيڪ  ڊاڪٽر 30 سالن کان غير حاضر  هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،

صحت کاتي ڊاڪٽرن جي ڳولا لاءِ جاچ پڙتال شروع ڪندي تنظيمن جي اڳواڻن سان به رابطو ڪيو آهي،غير حاضر  ڊاڪٽر پروموشن لاءِ ورهين کان اي سي آر به جمع نه ٿا ڪرائين،

ذريعن موجب ڄاڻايل ڊاڪٽر ملڪ کان ٻاهر هجڻ توڙي انهن جون خانگي ڪلينڪون هلڻ جا به اطلاع مليا آهن .

صحت کاتي 21 سئو ڊاڪٽرن جي 30 سالن کان غير حاضر هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

صحت کاتي غير حاضر ڊاڪٽرن جو پتو لڳائڻ لاءِ ينگ ڊاڪٽرز ايسوئيشن توڙي ٻين تنظيمن سان به رابطو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

صحت کاتي موجب 1991ع کان 500 وومين ميڊيڪل آفيسر ۽ 1602 ميل ڊاڪٽر غائب آهن، ڄاڻايل ڊاڪٽر 1991 کان اي سي آر جمع نه ڪرايون آهن.

ذريعن موجب  ڄاڻايل ڊاڪٽر ملڪ کان ٻاهر هجڻ توڙي انهن جون خانگي ڪلينڪس هلڻ جا به اطلاع آهن..

 

وڌيڪ پڙهو: