سنڌ

October 9, 2021 5:54 pm

سنڌ ۾ گئس جو بحران وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي، مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس جو بحران وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي، نيب آرڊيننس آڻڻ جو فائدو رڳو عمران حڪومت کي آهي، نيب آرڊيننس سان حڪومت پنهنجن وزيرن کي تحفظ ڏنو آهي، نئين آدمشماري تائين مڪاني چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن پر عدالتي حڪم آيو آهي ته مارچ يا فيبروري ۾ چونڊون ڪرائي سگهون ٿا.

ڪراچي جي آفاق شهيد پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي .

مرتضيٰ وهاب چيو ته نيب آرڊيننس آڻڻ جو فائدو رڳو عمران حڪومت کي آهي، نيب آرڊيننس سان حڪومت پنهنجن وزيرن کي تحفظ ڏنو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ، نئين آدمشماري تائين مڪاني چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن پر عدالتي حڪم آيو آهي ته مارچ يا فيبروري ۾ چونڊون ڪرائي سگهون ٿا.

 

وڌيڪ پڙهو: