مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي ويو آهي پر پ پ سرڪار ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري، آفيسرن جا ڪچي جي ڏوهارين سان سڌا رابطا آهن، سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي رعايت آهي پر پنجاب ۾ انڍڙ گينگ خلاف جلد گرينڊ آپريشن ٿيندو.
حليم عادل شيخ اوٻاوڙي ۾ اسپيشل برانچ جي شهيد اهلڪار سلطان احمد رند جي ٽيجهي تي پهتو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ سرڪار مٿان سخت تنقيد ڪئي.
حليم عادل شيخ چيو ته اسپيشل کاتي جي پوليس اهلڪار کي سرعام شهيد ڪيو ويو پر 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ايس ايس پي گهوٽڪي تڏي تي ناهي پهتو.
هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ چاچڙ برادري جا 11 ماڻهو مارجي ويا پر ڪنهن آفيسر خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي، پنجاب ۾ 9 ماڻهن جي شهادت تي صوبائي حڪومت ٿرٿلي ۾ اچي وئي آهي ۽ انڍڙ گينگ خلاف جلد وڏو آپريشن ٿيندو..