صحت

October 1, 2021 8:52 pm

سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جا وڌيڪ ايڪيهه نوان ڪيس ظاهر

سنڌ اندر ڊينگي جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿيندي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا آهن جنهن مان 8 جو تعلق ڪراچي سان آهي. هلندڙ سال سنڌ ۾ دينگي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڊينگي وائرس جا 21 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري سنڌ ۾ سيپٽمبر مهيني دوران ڊينگي جا هينئر تائين 557 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 371 جو تعلق ڪراچي سان آهي.

سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڪراچي جي ضلعي وسطي مان 132، ضلعي شرقي مان 84، ڪورنگي مان 39، غربي مان 40 ۽ ملير ضلعي مان 28 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هلندڙ سال صوبي ۾ هينئر تائين ڊينگي وائرس جا 1922 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي وائرس وگهي 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوت ٿي ويندڙن ۾ 4 جو تعلق ڪراچي سان ٻڌايو پيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: