اهم خبرون

سنڌ

May 19, 2022 10:14 pm

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، مختلف شهرن ۾  آبادگارن ۽ جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم ۽ جساف پاران پاڻي کوٽ خلاف گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ميرپور ماٿيلو ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي ضلعي گهوٽڪي پاران ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن بعد ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف قمبر ۾ به جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ڪنري ۾ به پاڻي کوٽ خلاف جسقم ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا،  ڪارڪنن بس اسٽاپ کان الهه والا چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ٽنڊو آدم ۾ به پاڻي کوٽ خلاف جسقم جي سڏ تي محمد چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڪارڪن ڇتي نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ٻانڌي ۾ پاڻي کوٽ ۽ واٽر ڪورس بند ڪرڻ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان کان علاوه جوهي، سيوهڻ،ٽنڊو غلام علي،ڪنڊيارو، ميروخان، فيض گنج، ڊرٻ ميهر شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

اڳواڻن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ هٿرادو آهي، هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته پاڻي کوت سبب لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي آهي، پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

 

وڌيڪ پڙهو: