سنڌ اندر سي اين جي قيمتن ۾ 15 روپيه في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي. صدر آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن غياث پراچه موجب سنڌ ۾ في ڪلو سي اين جي قيمت ۾ 15 روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ في ليٽر سي اين جي قيمت 8 روپيه وڌي وئي آهي. صدر آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته سي اين جي قيمتن ۾ واڌ سيلز ٽيڪس وڌڻ ۽ مهانگي آر ايل اين جي سبب ٿيو آهي. حڪومت سي اين جي امپورٽ تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ جو اعلان ڪري. اهڙي اعلان ۽ سيلز ٽيڪس جي رعايت سان سي اين جي قيمت گهٽجي ويندي.