سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جا امڪان گهٽ ٿي ويا آهن عرب سمنڊ ۾ موجود ڊيپ ڊپريشن سنڌ کان پري ٿيڻ لڳو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻڌايو آهي ته شهر ۾ برسات جا امڪان گهٽ ٿي ويا آهن. شهر ۾ اڄ ڪٿي گهٽ ته وري ڪٿي تيز برسات پئجي سگهي ٿي. سردار سرفراز ٻڌايو ته ڊيپ ڊپريشن سنڌ جي سامونڊي علائقن کان وقت سان گڏ پري ٿيندو پيو وڃي. سڀاڻي تائين سنڌ ۾ برسات جا امڪان ختم ٿي ويندا. شهر ۾ ٻوڏ جا امڪان به گهٽ ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ اڃان تائين تيز برسات جا امڪان موجود آهن. ڊيپ ڊپريشن ڏکڻ اوڀر طرف وڌي رهيو آهي. ڪراچي ۾ سڄي رات وقفي وقفي برسات پوندي رهي. ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.
سڀني کان وڌيڪ برسات ناظم آباد ۾ 24 ملي ميٽر، فيصل بيس تي 20، مسرور بيس تي 19، ڊفينس ۾ 17، گلشن حديد ۾ 16 ملي ميٽر ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 12 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن موسميات کاتي ٽيون الرٽ جاري ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ سميت بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. خراب موسم کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جي سمنڊ ۾ وهنجڻ تي به 5 آڪٽوبر تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اڄ شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سمورا امتحان ملتوي ٿي ويا آهن ۽ شهر ۾ امڪاني تيز برسات کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي يونٽ جا اهلڪار ٻيڙين سان گڏ موجود آهن. پر هاڻ موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ تيز برسات جا امڪان گهٽ ٿي ويا آهن.