سنڌ ۾ زمينن جون 5 لک انٽريز شڪي قرار ، سپريم ڪورٽ صوبي جي سمورن ڊي سيز کي سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي سينيئر ميمبر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،
سنڌ جي زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي،
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي زمينن جي 5 لک انٽريز کي شڪي قرار ڏئي 237 انٽريز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي، 97 سيڪڙو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزد ڪيو ويو آهي ۽ سمورو رڪارڊ بورڊ آف روينيو جي ويب سائيٽ تي موجود آهي،
هاڻ ڪير به رڪارڊ ۾ ڦيرڦار نه ڪري سگهندو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته رپورٽ ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ڪيتري ايراضي تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪارروائي بابت رپورٽ ۾ ڪجهه ٻڌايو ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم..