سنڌ

November 8, 2021 5:31 pm

سنڌ ۾ آصف زرداري جي هڪ به شوگر مل ناهي: سعيد غني

سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ تحريڪ انصاف ۽ اتحادين جون شوگرملون ضرور آهن پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هڪ به شوگر مل نه آهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته غني مجيد گروپ جي شوگرملز جا اڪائونٽس سپريم ڪورٽ جي حڪم تي منجمد آهن.

غني مجيد گروپ جي شوگرملز بند هجڻ سبب سنڌ ۾ 4 لک ٽن کنڊ جي کوٽ آهي. هن چيو ته شوگرملز حڪومت کي خبردار ڪيو هو ته کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي کنڊ ته بلوچستان جي به ضرورت پوري ڪندي آهي. سعيد غني چيو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي وڌيڪ پيداوار پنجاب ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ته صوبائي حڪومتون کنڊ جون قيمتون مقرر ڪنديون آهن.

سموري ملڪ ۾ مهانگائي آهي، پيٽرول مهانگو ٿي ويو ۽ اڃان به قيمتون وڌنديون. هن چيو ته سموري ملڪ ۾ پيٽرول جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. رات جي اونداهي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. سعيد غني چيو ته وزيراعظم ته سنڌ حڪومت کي کنڊ بحران جو ذميوار قرار ڏنو آهي جڏهن ته اٽو کنڊ، پيٽرول ۽ دوائون مهانگيون ڪندڙ وزيراعظم سان گڏ آهن.

عمران خان پنهنجي چوڌاري بيٺل ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت جي خلاف اجلاس ضرور ڪندي پر ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندي رهندي.

وڌيڪ پڙهو: