صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ڪو ڌار ملڪ يا ٻيٽ ناهي جو مهانگائي جو اثر نه پوندو، مهانگائي سموري ملڪ ۾ آهي،
الزام اسان تي هڻن ٿا، ملڪ جو وزيراعظم غير ذميوراڻو بيان ڏئي ٿو ته سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ٿيون، تڏهن کنڊ جو بحران ٿيو،
ڪنهن ملز بند ڪرايون، نالو ٻڌايو ته ڪارروائي ڪنداسين، کنڊ نٿي ملي به ذميوار سنڌ حڪومت، پيٽرول ۽ کنڊ جا اگهه وڌڻ ٿا به ذميوار سنڌ حڪومت آهي،
لڳي ٿو سموري ملڪ ۾ اسان جي حڪومت آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته مهانگائي سموري ملڪ ۾ آهي، الزام اسان تي هڻن ٿا،
سعيد غني چيو ته سنڌ ڪو ڌار ملڪ يا ٻيٽ ناهي جو مهانگائي جو اثر نه پوندو، مهانگائي سموري ملڪ ۾ آهي ته سنڌ ۾ به ٿيندي.
سعيد غني چيو ته مڪاني چونڊن بابت قانون ۾ ترميم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 4 کان 5 مهينن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون..