سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2200 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو،
ربيع جي مند ۾ ڀاڻ ۽ ٻين زرعي شين تي آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته وفاقي حڪومت ربيع ۾ ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي،
فيصلي تحت وفاق ۽ صوبائي حڪومت ڀاڻ تي 50-50 سيڪڙو جي حساب سان سبسڊي ڏيندا،
ڪابينا ڀاڻ ۽ ٻين زرعي شين تي 50 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي..