سنڌ

November 10, 2021 4:39 pm

سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، اهم پوسٽن تي مقرر اٺ ڊي آءِ جيز بدلي

 سنڌ ۾ انتهائي اهم پوسٽن تي مقرر 8 ڊي آءِ جيز کي روٽيشن پاليسي جي تحت پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مختلف ضوبن ۾ مقرر ٻين 8 ڊي آءِ جيز کي سنڌ اماڻيو ويو آهي.

وفاقي روٽيشن پاليسي جي تحت جن 8 ڊي آءِ جيز کي بدلي ڪيو ويو آهي انهن ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ زون جاويد اڪبر رياض، ڊي آءِ جي اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن مقصود ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ نعيم احمد شيخ شامل آهن جن کي پنجاب بدلي ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڊي آءِ جي ايسٽ ثاقب ميمڻ، ڊي آءِ جي سي آءِ اي نعمان صديقي، ڊي آءِ جي يونس چانڊيو ۽ عبدالله شيخ جون خدمتون ڪي پي ڪي جڏهن ته ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد کي بلوچستان کي بدلي ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف جن 8 ڊي آءِ جيز کي سنڌ اماڻيو ويو آهي انهن ۾ ڊاڪٽر انعام، سهيل اختر، شهزاد اڪبر، محمد ڪريم، زبير دريشڪ، عبالغفور، سيد خرم علي ۽ زعيم اقبال شيخ شامل آهن.

وڌيڪ پڙهو: