تعلیم

سنڌ

October 15, 2021 2:11 pm

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن ۽ استادن جو سينيئر استاد بشير ميمڻ تي مبينا تشدد خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن ۽ استادن سينيئر استاد تي مبينا تشدد خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو جنهن بعد استادن پاران هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو.

هنگامي اجلاس ۾ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو پهچي پروفيسر بشير ميمڻ کان تفصيل ورتا، جنهن بعد سائرا شيخ کي هٽائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، پروفيسر بشير ميمڻ موجب سائرا شيخ کي غير حاضر رهڻ تي مون کيس غير حاضر ڪيو جنهن تي ڪلاس ۾ اچي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊي جي استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته اسسٽنٽ پروفيسر سائره شيخ سينيئر استاد بشير ميمڻ کي تشدد جو نشانو بڻايو، شاگردن کي به گارگند ڪئي.

شاگردن دانهيو ته اسسٽنٽ پروفيسر سائرا رحمان شيخ ڪلاسن ۾ پڙهائڻ ئي نه ايندي آهي، جڏهن به ايندي آهي ته استادن کي شاگردن سامهون گارگند ڪري هلي ويندي آهي.

هنن چيو ته وي سي کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي آهي پر سائرا رحمان شيخ کي هٽايو نه ٿو وڃي جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪيو آهي.

احتجاج ڪندڙ استادن چتاءَ ڏنو ته جيڪڏهن سائرا رحمان شيخ کي نه هٽايو ويو ته هو ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊيوٽي نه ڪندا..

وڌيڪ پڙهو: