سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ روڊن رستن، سرڪاري عمارتن ۽ فلاحي ادارن تان نالا هٽائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد ٿهيم، ڊي سي ڪنڌڪوٽ ڪشمور، ڊي سي خيرپور، درخواستگذار جو وڪيل نثار احمد ڀنڀرو، شفيع محمد چانڊيو، علي رضا بلوچ ،سهيل کوسو ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا .
ٻڌڻي دوران ڊي سي سکر گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور،خيرپور ۽ ٻين ضلعن جي نمائندن اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي
عدالت ٽن مهينن اندر غير ضروري نالا هٽائڻ سان گڏ نالا تجويز ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي ٽن مهينن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.
عدالت، پير عبدالقادر شاهه جيلاني گمبٽ انسٽيٽوٽ، بلاول ڀٽو زرداري پارڪ خيرپور، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جا نالا تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به سياسي، بااثر، سردار ۽ وڏيري جو نالو يا خاندان جي ماڻهن جو نالو نه رکيو وڃي.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ، حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف توهين عدالت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ روڊن رستن، سرڪاري عمارتن ۽ فلاحي ادارن تان نالا هٽائڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي ۽ ڊي سيز کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو.