سنڌ

November 12, 2021 2:51 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت قدم نه کڻڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت قدم نه کڻڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ماڻهون پوليس مان مايوس ٿي چڪا آهن، انهن پنهنجا معاملا الله تي ڇڏي ڏنا آهن،

چار چار سال گذري وڃن ٿا پوءِ به رپورٽ نٿي اچي، رڳو بهانا ڪيا وڃن ٿا ته فلاڻي اداري کي خط لکيو آهي،

ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي فوڪل پرسن کي طلب ڪرڻ جي صلاح ڏني جنهن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته ، ڇو نه وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪيون.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار توڙي سندن وڪيل عدالت ۾ نه پهتا.

وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: