تازه خبرون

سنڌ

October 12, 2021 4:45 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب زده سرڪاري آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ، نيب زده سرڪاري آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته عدالتي فيصلو سزائن خلاف اپيل ڪندڙن تي به لاڳو ٿيندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب زده سرڪاري آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نيب زده سرڪاري آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي، جن آفيسرن جي سزا معطل آهي، انهن خلاف به کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين پوسٽنگ به نه ڏني وڃي.

عدالت 17هين گريڊ جي سزا وارن آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته فيصلو سزائن خلاف اپيل ڪندڙن تي به لاڳو ٿيندو، سزا وارن آفيسرن کي اهڙن عهدن تي مقرر نه ڪيو وڃي، جتي سڀ ڪجهه ڪرڻ جو اختيار هجي.

عدالت سڀني سيڪريٽريز کي حڪم تي عملدرآمد ڪري ايندڙ ٻڌڻيءَ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: