سنڌ هاءِ ڪورٽ، اين آءِ سي وي ڊي جو ڪنٽرول ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين ريمارڪس ڏنا ته اين آءِ سي وي ڊي کي اڌ قبر ۾ نه رکو، ٻاهر ڪڍو يا وري دفن ڪري ڇڏيو، صحت کاتي جو حال اهو آهي ته سڀئي اسپتالون آئوٽ سورس آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، صحت وارو سيڪريٽري ۽ اين آءِ سي وي ڊي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر ۽ ٻيا پيش ٿيا.
جسٽس صالح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته اين آءِ سي وي ڊي جا معاملا ڪڏهن درست ڪندا؟ اوهان ڊاڪٽر باري کي ڇو نٿا ڪنٽرول ڏيو، هن کي اڌ قبر ۾ نه رکو، ٻاهر ڪڍو يا وري دفن ڪري ڇڏيو.
ميمبر بورڊ آف گورنرز چيو ته جيڪڏهن ڪنٽرول ڏيڻو آهي ته ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڏئي سگهو ٿا، جنهن تي عدالت چيو ته اها ته پاڻ سٺي ڳالهه آهي، ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڏئي ڇڏيو.
جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته صحت کاتي جو حال ته اهو آهي ته سڀئي اسپتالون آئوٽ سورس آهن، ڇا ٻين صوبن ۾ به ايئن ئي ٿيندو آهي، جيڪڏهن سرڪاري اسپتال ان قابل هجن ها ته خانگي اسپتالون نه کُلن ها.
عدالت چيو ته ننڍن شهرن ۾ نجي اسپتالون کُلي رهيون آهن، اوهان قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪريو ٿا؟ ته هر شيءِ ۾ قانون جي عملداري قائم ڪريو، ڊائريڪٽرز جي مقرري اڃا تائين ڇو نه ٿي سگهي آهي.
عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته سٺو قابل ڊاڪٽر لاڙڪاڻي ڇو ويندو؟ اتي ڪاروڪاري آهي، ڌاڙيل راڄ آهي، بدامني آهي، ڪير اتي وڃي ڇو ترسندو.
عدالت اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ وي ڊي جَي ٻنهي بورڊز جو هڪ ئي سربراهه ۽ ساڳيا ميمبرز هئڻ تي ڊاڪٽر نديم قمر سان مڪالمو ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب ريٽائرڊ ٿي وري لڳي ويا، اوهان کي ته پاڻ ئي عهدو ڇڏڻ گهرجي ها..