سنڌ

January 28, 2022 2:00 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مختلف ڪيسز جي پيروي نه ڪرڻ تي وفاقي سرڪار جي وڪيل جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار

سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف ڪيسز جي پيروي نه ڪرڻ تي وفاقي سرڪار جي وڪيل جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار  ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي فوري طور طلب ڪري ورتو،

جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙي رمارڪس ۾ چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي، جنهن ڪيس بابت ٻڌڻي ٿئي ٿي ته جواب نه ٿو ڏنو وڃي،

چيو وڃي ٿو ته فائل کڻي اچڻ وسري ويو، عدالت کي عدالت سمجهيو وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿي اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي روئيي تي معافي ورتي .

سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف ڪيسز جي ٻڌڻين جي پيروي نه ڪرڻ تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي فوري طور طلب ڪيو، عدالتي حڪم تي ڊپٽي ٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي، جنهن ڪيس بابت ٻڌڻي ٿئي ٿي ته جواب نه ٿو ڏنو وڃي، چيو وڃي ٿو ته فائل کڻي اچڻ وسري ويو،

عدالت کي عدالت سمجهيو وڃي ۽ ڪنهن قابل وڪيل کي اسسٽنٽ اٽارني جنرل مقرر ڪيو وڃي.

ڊپٽي اٽارني جنرل ، اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي روئيي تي عدالت معافي ورتي ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي هٽائڻ جي خاطري ڪرائي..

وڌيڪ پڙهو: