سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا ماڻهن جي بازيابيءَ بابت جاچ آفيسرن جي رپورٽس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي گهرو وزارت کان رپورٽ ۽ سفري دستاويز طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل بئنچ لاپتا ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران عدالت جاچ آفيسرن جي رپورٽس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت وفاقي گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين کان جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت لاپتا شهرين جا سفري دستاويز به طلب ڪندي جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت چيو آهي ته ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جديد دور ۾ ٽيڪنالوجي ۽ ماڊرن ڊوائيسز جي مدد سان شهرين جو پتو لڳايو وڃي..