سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سنڌ جي تعليمي بورڊز کي ميٽرڪ ۽ انٽر ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني في وٺڻ کان روڪي ڇڏيو،
عدالت پاران شاگردن کان ورتل فيس واپس ڪرڻ ۽ بنا فيس جي امتحاني فارم جمع ڪرڻ جو حڪم، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپور خاص، حيدر آباد ۽ ڪراچي بورڊز جي انتظاميا کي فيصلي تي عملدرآمد جي هدايت،
جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو غريب آهن،
فيس ڪٿان ڏئي سگهندا، ميٽرڪ ۽ انٽر جا بنا فيس جي فارم جمع ڪيا وڃن،
عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ بند پيل اسڪولز جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو………