سنڌ

November 6, 2021 4:35 pm

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کان گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث آفيسرن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي پوليس کان گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪرو ۾ ملوث پوليس آفيسرن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گٽڪي ۽ ٻين صحت لاءِ هاڃيڪار وڪرو ٿيندڙ شين جي خلاف ڪارروائي بابت درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ نعيم احمد شيخ گٽڪي ۽ ماوي جي وڪري بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ گٽڪي جي وڪرو ۾ ملوث پوليس آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏني آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي سموري سنڌ ۾ گٽڪا ۽ مين پري وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. آءِ جي سنڌ پاڻ گٽڪي ۽ من پوري بابت ڪارروائين جو جائزو وٺي رهيو آهي.

پوليس رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته گٽڪو ۽ مين پري جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته آءِ جي سنڌ گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪرو ۾ ملوث پوليس آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. پنهنجي مفاد جي لاءِ معصوم حياتين سان کيڏندڙ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن اسان ان جو جڙ کان خاتمو ڪرڻ چاهيون ٿا.

عدالت چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه پوليس آفيسر به هن ڪم ۾ ملوث آهن. پوليس کاتي کي اهڙين ڪارين رڍن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پوليس جا اهڙا آفيسر معاشري جي لاءِ به شرمندگي جو سبب آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته گٽڪي ۽ مين پوري جي ڊيلرز خلاف صرف ڪيس داخل ڪرڻ ڪافي ناهي.

ڊي آءِ جي ٻڌايو ته پوليس کاتي ۾ انٽرنل پولسنگ جو سسٽم متعارف ڪرايو آهي. پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنل پولينگ ڌار ونگ آهي ۽ ان جي سربراهي ايڊيشنل سنڌ جو آءِ جي ڪري رهيو آهي. انٽرنل پوليسنگ سسٽم پوليس آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ شڪايت جو انتظار نه ڪندو. عدالت گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪرو ۾ ملوث پوليس آفيسرن بابت سنڌ جي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وڌيڪ پڙهو: