سنڌ

October 29, 2021 3:33 pm

سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ بد نصيب صوبو آهي : چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ،  ڪراچي هندو جيم خانه کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ ناپا کي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ مناسب هنڌ تي 2 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو،

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته  مڪلي ۽ موهن جو دڙو تي ته ڪتا گهمي رهيا آهن، سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ بد نصيب صوبو آهي،

جيڪو پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت  به نه ڪري سگهيو،  پيسو ڪمائڻ لاءِ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهيون ويون آهن،

ڪراچي ۾ هر طرف ڌوڙ، مٽي، گندگي ۽ ڌپ آهي، حيدرآباد جو حال ته ڪراچي کان به بدتر آهي،سکر ۽ شڪارپور جو به ساڳيو حال آهي، شڪارپور جي ثقافتي ورثي کي ختم ڪيو ويو ،

سکر بيراج ڪالوني تي انگريزن جي دور جا ٺهيل بنگلا ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن.

ڇيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اڄ ڪراچي رجسٽري ۾ هندو جيم خانا کي ناپا کان واپس ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد هيندو جيم خانا کي اصل حالت م بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت سنڌ حڪومت کي ناپا کي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ ڪنهن مناسب هنڌ تي 2 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

 

 

وڌيڪ پڙهو: