سنڌ حڪومت وفاق کان پي ايم سي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته پي ايم سي ميڊيڪل جي شاگردن جو مستقبل تباهه ڪري رهيو آهي ان کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ذهين ۽ ٽاپ ڪندڙ ٻارڙا فيل ٿيڻ کان پوءِ ذهني مريض بڻجي چڪا آهن. سنڌ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي لاءِ پي ايم سي جي پاليسي تي پهريان کان ئي خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو. پي ايم سي ايندڙ ڊاڪٽرن جي لاءِ پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي. پي ايم سي کي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪرڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته سنڌ جي ميڊيڪل جي شاگردن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. شاگردن ۽ ڊاڪٽرن کان ورتل پي ايم سي جي ٽيسٽ ۾ پهريان ئي غلطيون هيون. آئين ۽ قانون وفاق کي پي ايم ايس ٺاهڻ جو ڪوبه اختيار نٿو ڏئي. تباهي سرڪار غير آئيني طور تي صوبن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.
پي ايم سي ٻارن کان ٽيسٽ جي نالي تي ڌوڪو ڪيو آهي. شاگردن سان واعدو ڪيو ويو هو ته ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽ ورتو ويندو جديد نظام هوندو ۽ ميرٽ جو خاص خيال رکيو ويندو پر حقيقت ۾ انهن جي مستقبل سان کيڏيو ويو.