سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سکر ۾ ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي
ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن ڪنهن به منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو سنڌ جو عوام ڌرتي جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد زين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ملٽري روڊ کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا تير چوڪ تي پهچڻ بعد جلسي ۾ تبديل ٿي وئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون کپائي رهي آهي، سنڌ دشمن ڪنهن به منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو,
سنڌ جو عوام ڌرتي جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿو..