سنڌ حڪومت کي سپريم ڪورٽ مان وڏو ريليف ملي ويو،عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون
سپريم ڪورٽ اپيلن تي فيصلي تائين چيئرمين ۽ ميمبرن کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ فارغ ٿيل آفيسرن ۽ ملازمن کي به ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي.
سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل استدعا ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پبلڪ سروس ڪميشن جو قانون غير آئيني قرار ڏنو،عدالت ڪميشن جي سمورين ڀرتين کي به ڪالعدم قرار ڏنو.
ايڊووڪيٽ جنرل مطابق عدالتي فيصلي سان هڪ هزار ميڊيڪل آفيسرن جي ڀرتين جو عمل رڪجي ويو.
سنڌ حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته سال 2018 ۾ ڀرتي ٿيل آفيسرن کي به ڪم کان روڪيو ويو،ڪوبه آفيسر ڪيس ۾ ڌر هو، نه ئي ايڊووڪيٽ جنرل کي ٻڌو ويو، عدالت اپيلن جي ٻڌڻي ڊسمبر جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي..