سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 12 ربيع الاول 19 آڪٽوبر اڱاري جي ڏينهن جشن عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي سموري صوبي ۾ عام موڪل هوندي.
واضح رهي ته سنڌ جي گهرو وزارت طرفان 12 ربيع الاول جي موقعي تي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سموري صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
عورتون، بزرگ، ٻار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ صحافين مٿان ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو نه هوندي.