سنڌ حڪومت هڪ ڪروڙ 80 لک ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد هجڻ جو ذميوار وفاق کي قرار ڏئي ڇڏيو،
صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته پنجاب ۾ پاڻي ذخيرن جا نوان منصوبا اڏڻ سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙو هڻڻ جي سازش آهي،
سنڌ کي آبي معاهدي تحت حصي جو پاڻي نه پيو ملي،پاڻي قلت سبب زرعي زمين بنجر ٿي چڪي آهي،
وفاقي رپورٽ مطابق پنجاب جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي فصل ۽ سنڌ جي صرف 82 لک ايڪڙن تي فصل ٿئي ٿو، سنڌ جوپاڻي بند ڪري بنجر بڻايو پيو وڃي،
ٻي طرف پنجاب نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي ٻهراڙي جون زمينون آباد ڪري رهيو.
جار ي ڪيل بيان ۾ اسماعيل راهو چيو ته وفاقي رپورٽ مطابق پنجاب جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ زرعي زمين تي فصل ۽ سنڌ جي صرف 82 لک ايڪڙن تي فصل ٿئي ٿو،
سنڌ جو پاڻي بند ڪري بنجر بڻايو پيو وڃي.
اسماعيل راهو چيو ته پنجاب ۾ پاڻي ذخيرن جا نوان منصوبا اڏڻ سنڌ جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙو هڻڻ جي سازش آهي، سنڌ کي آبي معاهدي تحت حصي جو پاڻي نه پيو ملي،
پاڻي قلت سبب زرعي زمين بنجر ٿي چڪي آهي.
ماحوليات واري وصبائي وزير چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ کي ربيع ۽ خريف ۾ 25 کان 45 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو،
پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت سان گڏ ماحوليات به متاثر ٿئي ٿي رهي آهي..