سنڌ حڪومت جَي ڪڻڪ رليز ڪرڻ سان ملڪ ۾ جاري مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، وفاقي وزيرن وٽ رڳو تنقيد ڪرڻ ئي بچيو آهي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت اسان جي چوڻ باوجود پنج هزار رپين ۾ ڪڻڪ جي ٻوري خريد نه ڪئي جيڪا هاڻي ساڍا 6 هزار رپين ۾ ٻاهران گهرائي پئي وڃي.
ڪراچي ۾ عمر شريف جي پوئينرن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ رليز ڪرڻ سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان گهٽ نه ٿيندو، سنڌ حڪومت پنهنجي روٽين موجب 15 آڪٽوبر بعد ڪڻڪ رليز ڪندي آهي
وڏي وزير چيو ته پهريون ڀيرو حڪومت ۾ ناهيون آيا، حڪومت هلائڻ جو تجربو آهي پي ٽي آءِ حڪومت وارا هر ڀيري نئون تجربو ڪري مسئلا پيدا ڪندا آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هنن چيو هو ته آبادگارن کان ڪڻڪ 5هزار روپين ۾ ورتي وڃي وفاقي گورنمينٽ ڪڻڪ خريد نه ڪئي هاڻي 6 هزار 5 سئو ۾ ٻاهران ڪڻڪ گهرائي پئي وڃي.