سنڌ

October 7, 2021 2:38 pm

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڊينگي جا ڪيسز وڌي رھيا آھن،حليم عادل شيخ

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڊينگي جا ڪيسز وڌي رھيا آھن، پر سنڌ حڪومت جا انتظام ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهن.

پنهنجي بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ايڊز ۽ ريبيز کان پوءِ ڊينگي جو تحفو ڏنو آهي.

هن چيو ته مراد علي شاهه کي عثمان بوزدار کان سکڻ گهرجي، نااھل حڪومت سبب ھر مسئلو سنڌ ۾ ٿئي ٿو.

حليم عادل شيخ چيو ته صحت کاتي کي ٺيڪي تي ڏئي جعلي اڪائونٽ مافيا نوٽ ڇاپي رهيو آهي، سنڌ ۾ وزارتون خانداني ملڪيت وانگر ورهايون ويون.

وڌيڪ پڙهو: