سنڌ جي فطري حسن جي حفاظت ڪندي قتل ڪيل ڌاٻيجي واسي ناظم جوکيو ڪيس ۾ گرفتار پيپلزپارٽي ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ سندس ٻن گارڊن جي جسماني رمانڊ ۾ 16 نومبر تائين واڌ،
ملير پوليس ڄام اويس ۽ سندس ٻن گارڊن حيدر علي ۽ مير علي کي جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي ملير ڪورٽ ۾ پيش ڪيو،
عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪئي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جي فون جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي،
وڊيو ۾ نظر ايندڙ گاڏي جو ايڪسائيز ۾ رڪارڊ موجود ناهي، ڪسٽم اختيارين کان گاڏي جا تفصيل حاصل ڪري رهيا آهيون،
ڄام اويس ۽ سندس گارڊن جي عدالت ۾ پيشيءَ دوران وڪيلن جو هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج..