سنڌ جي تعليمي بورڊز ۾ مالي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن سبب بورڊ جي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ به هاڻ مشڪل ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ميرپورخاص، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر بورڊز ۾ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا به ناهن رهيا. هلندڙ مهيني به ميرپورخاص بورڊ ملازمن کي پگهارون هڪ هفتو دير سان جاري ڪيون. جڏهن ته ٻين بورڊز پنهنجي جرنل اڪائونٽس ۾ رقم نه هجڻ سبب سيونگ اڪائونٽس مان ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون ويون.
ميٽرڪ بورڊ ۽ انٽر بورڊ ڪراچي جون مالي حالتون به وڌيڪ سٺيون نه آهن ٻن مهينن کان پوءِ هنن ٻنهي بورڊز ۾ به ملازمن کي پگهارون ادا ڪرڻ جي لاءِ رقم به موجود نه هوندي. مالي حالتن ۽ پگهارن ۾ دير سبب بورڊ جا ملازم 11 آڪٽوبر کان احتجاج ڪندا. آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن موجب پگهارن جي لاءِ پئسا نه آيا ته ڪم جو به بائيڪاٽ ڪنداسين.
ان حوالي سان بورڊ جي چيئرمين ٻڌايو آهي ته حڪومت پئسن جي ادائيگي نه ڪئي ته نتيجن جي تياري وارو ڪم رڪجي ويندو. جيڪڏهن اهو ڪم رڪجي ويو ته انٽر جي نتيجن جو اعلان نه ٿي سگهندو. حڪومت جيڪڏهن ادائيگي نٿي ڪري سگهي ته مفت تعليم جو اعلان واپس وٺي ڇڏي. تعليمي بورڊ خودڪفيل ادارو هو سنڌ حڪومت ان کي تباهه ڪري ڇڏيو.