سنڌ سرڪار هاري ڪارڊ ذريعي ننڍن آبادگارن لاءِ زرعي مالي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڊي اي پي،ڪپهه ۽ چانورن جي فصل تي 1500 رپيا في ايڪڙ، اڇي مَکِ تي 1200 رپيا في ايڪڙ ۽ ڪپهه جي ٻچ جي خريداري لاءِ 12 سئو رپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏيندي.
زراعت واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته صوبي جي ننڍن آبادگارن کي خريف جي پوکي لاءِ مالي پيڪيج ڏنو ويندو.
جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڊي اي پي،ڪپهه ۽ چانورن جي فصل تي 1500 رپيا في ايڪڙ، اڇي مَکِ تي 1200 رپيا في ايڪڙ ۽ ڪپهه جي ٻچ جي خريداري لاءِ 12 سئو رپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏيندي.
منظور وساڻ چيو ته ننڍن آبادگارن کي هاري ڪارڊ تي سنڌ بينڪ ذريعي 3 هزار 607 ملين سبسڊي ڏني ويندي..