سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بنا رولز جي هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا رولز نه جوڙڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر ڪراچي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار ايڊووڪيٽ طارق منصور جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا رولز نه جوڙڻ خلاف درخواستت تي ٻڌڻي هلائي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته آرڊيننس لاڳو ٿيڻ کان هيل تائين ايس بي سي اي جا رولز نه جوڙيا ويا آهن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي موجوده پريڪٽس غير قانوني آهي.
عدالت چيف سيڪريٽري، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر ڪراچي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.